اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ معياري تعليم جي فراهمي اهم حيثيت رکي ٿي، ان حوالي سان موقعا فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هو هتي خيبرپختونخوا صوبي ۾ هائير ايجوڪيشن جي فروغ جي حوالي سان قدمن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ??ار?? وز??ر شفقت محمود، اطلاعات ۽ ن??ري??ت ??ار?? وز??ر سينيٽر شبلي فراز، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وز??ر محمود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين طارق بنوري، خيبرپختونخوا جي وڏي وز??ر جو صلاحڪار خليق الرحمان، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف يونيورسٽين جا موجوده ۽ اڳوڻن وائيس چانسلرز ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿا.