اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت توانائي خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل جي جلد تڪميل يقيني بڻائيندي عو??م کي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ ??ڻي??دي. هو هتي عو??م کي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جي حوالي س??ن جاري سڌارن جي عمل جي جائز?? اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، توانائي وارو وزير عمر ايوب، خاص مددگار نديم بابر ۽ س??نئر آفيسر شريڪ هئا.