اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪي تشخص، تهذيب ۽ ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما انڊسٽري جو ڪردار ۽ سينيما انڊسٽري جي بحالي جي حوالي سان اجلاس هتي منعقد ??يو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير مح??د حماد اظهر ، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، سينيٽر فيصل جاويد خان، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، اي?? بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي ملڪ ۾ سينيما جي بحالي ۽ ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما انڊسٽري جي اهم ڪردار جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ سينيما انڊسٽري کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.