اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سموريون پارلياماني پارٽيون قومي ۽ سلامتي ??ي معاملي تي هڪ آواز آهن، اسان چاهيون ٿا ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ??هڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جنهن سان ملڪ جو وقار مجروح نه ??ئي ۽ ڳالهين جو عمل به جاري رهي، ان جي لاءِ قومي سلامتي ??ابت پارلياماني ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ دفاعي ادارن کي گه??ائ?? متفقه بيانو جوڙيو ويندو. پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، دفاع واري وزير خرم دستگير خان، موسمياتي ??بديلين واري وفاقي وزير سينيٽر مشاهد الله خان، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير اڪرم خان دراني، وزيراعظم جو خصوصي مددگار بئريسٽر ظفر الله، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، قومي سلامتي واري صلاحڪار جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.