منامه – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بحرين جي پهرين سرڪاري دوري تي منامه پهچي ويو، بحرين جي ولي عهد سلمان بن حمد بن عيس??ٰ آل خليفه وزيراعظم جو والهاڻو استقب??ل ڪيو. بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه وزيراعظم کي بحرين جو دورو ڪرڻ ۽ بحرين جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ اعزازي مهمان طو?? شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي.