اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان لرننگ ڪا??فر??س بهترين عالمي طريقن موجب ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻار پنهنجي تعليمي سفر جي شروعاتي مرحلي ۾ سماجي طرز عمل جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کي اختيار ڪن ٿا. پاڪستان لرننگ ڪا??فر??س 2023ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ??نه?? جو مقصد ٻارن کي عالمي طريقن موجب بااختيار بڻائڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو ڪا??فر??س ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مختلف پس منظر سا?? تعلق رکندڙ اسڪالرز ۽ پاليسي سازن جي مختلف موقف کي ٻڌڻ جو تمام گهڻو خواهشمند هو پر پيرس ۾ عالمي مالياتي ڪا??فر??س ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪري ائين نه ڪري سگهندس جڏهن ته هو ڪا??فر??س جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظها?? ڪري ٿو ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر ۽ خوشگوار مستقبل جي تعمير جي لاءِ ان جي سفارشن جو منتظر آهي.