اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ايمرجنسي هيلپ ??ائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ ??ائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري نيشنل هيلپ ??ائين نمبر جي ذريعي فوري مدد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي نيشنل ايمرجنسي هيلپ ??ائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊليوري يونٽ کي اهم ٽاسڪ سونپيو ويو آهي، پي ايم ڊليوري يونٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ ??ائين نمبر تي ??م جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ايمرجنسي هيلپ ??ائين جي لاءِ ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ ايمرجنسي هيلپ ??ائين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ ??ائين نمبر جي قيام کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آف??س موجب ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ ??ائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ايمرجنسي هيلپ ??ائين نمبر ٽول فري هوندو، نيشنل هيلپ ??ائين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري جي فوري مدد ??مڪ?? ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ??مپنين کان مدد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.