اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان نوان انگ اکر ج??ري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران ج??ري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 543 مريضن ج?? ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا،جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 329 ٽيسٽ ڪ??ا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 940، پنجاب ۾ 12 هزار 184، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 53، اسلام آباد ۾ 4 هزار 678، بلوچستان ۾ هڪ هزار 254، گلگت بلتستان ۾ 506، آزاد ڪشمير ۾ 624 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 97 هزار 497 ٿي چڪو آ??ي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آ??ي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 825 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 هزار 806 آ??ي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 731، بلوچستان ۾ 15 هزار 281، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 787، اسلام آباد ۾ 16 هزار 611، خيبرپختونخوا ۾ 37 هزار 811، پنجاب ۾ 99 هزار 479 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 37 هزار 106 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 484 آهي.