اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي ل??ءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي خلاف آهي، عمران خان ڪڏهن به انهن ڦورن کي معاف نه ڪندو، الله جو شڪر آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي خلاف ڳالهائي ر??يا آهن ته انهن جي چونڊ ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو بلڪل ٺيڪ هو، ڦورو ??نن جي خلاف ڳالهائي ر??يا آهن ته ان جو مطلب آهي ته هي بلڪل ٺيڪ ماڻهو آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ته ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، اسان جي سيڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 سالن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ان جي ڪري پاڪستان جو اهُو حال نه آهي جيڪو باقي مسلمان ملڪن جو ٿيو، اسان جي انٽ??لي??نس ايجنسين انتشار پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بلتستان جي آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي ل??ءِ ڪيتري ضروري آهي، ليبيا کان وٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تباهي متل آهي، انهن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن يا ٿي ر??يون آهن، انهن ملڪن جي عوام مشڪل ۾ آهي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي ر??ي آهي.