اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان ملڪي معيشت ۾ بهتري ۽ استحڪام جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معيشت جي بهتري جا ثمر عام ماڻهو تائين جلد کان جلد پهچڻ گهرجن. هو هتي م??ڪي معيشت جي حوالي سان اجلاس ??ي صدارت ڪري رهيو هو، وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم خسرو بختيار، محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حس??ن ۽ خاص معاون ڊاڪ??ر وقار مسعود اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمر??ن خان معاشي نظم ۽ ضبط ۽ ملڪي قرضن جي بهتر انتظام جي حوالي سان معاسي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.