اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل جهاز پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز ج?? دورو ڪيو جتي ترڪ بحريه پاڪ بحريه جي جهاز جو استقبال ڪيو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي س??مو??ڊي تعا??ن جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ بحريه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ترڪ بحريه جي جهاز سان گڏيل مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اه?? دورو ٻنهي ملڪن خاص طور تي س??مو??ڊي ف??ج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.