اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترق?? ۽ ??صوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪ??بينا ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. پاور ڊويزن گردشي قرضن جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرضن ۾ اضافو روڪڻ ??اء?? گردشي قرض جي انتظام و انصرام جي منصوبي تي عملدرآمد جو آغاز ڪيو ويو آهي. توانائي بابت ڪ??بينا ڪميٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات بجلي کان ميٽر ليس سمارٽ ميٽرنگ سسٽم جي باري ۾ پيش ڪيل تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪميٽي پاور ڊويزن ۽ آءِ ٽي ??ين?? ٽيلي مواصلات کي هدايت ڪ??ي ته هو تجويز ڪيل ڊزائين تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ۽ ڪميٽي کي گڏيل تجويزون پيش ڪن، پيٽروليم ڊويزن بلوچستان صوبي ۾ صنعتي گئس ڪنيڪشن جي عمل کي آسان بڻائڻ جي ??اء?? ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي، ڪابينا ڪميٽي تجويز ڪيل ڪميٽي جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪ??ي ته ان جون سفارشون هڪ مهيني ۾ ڪميٽي کي پيش ڪيون وڃن.