لاهور – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاو?? ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون تي هڪ سياسي بيان کڻي ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مون 26 سيپٽمبر 2020ع ج?? پروگرام ۾ ڪنهن ڪمپني جو نالو نه کنيو جڏهن ته 29 سيپٽمبر تي جعلي ليٽر ٺاهيو ويو ڇو ته اهو اهڙي شخص جي صحيحن سان ٺاهيو ويو جيڪو پاڪستان ۾ نه هو، 20 سيپٽمبر تي هڪ ٻيو ليٽر ٺاهيو ويو ۽ منهنجي خلاف ڪريمنل پروسيڊنگ سان گڏ ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏهن ته عام طور تي اهڙو ڪيس سول ڪورٽ ۾ ويندو آهي ۽ اهو ڄاڻي واڻي ڪريمينل پروسيڊنگ ۾ موڪليو ويو جڏهن ته اهو ڪيس معزز عدالت ۾ آهي جنهن جي حقيقتن جو فيصلو جلد عدا??ت ڪندي. ه?? گورن?? هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.