اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب کي ??ظر??نداز ڪري ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا برابر موقعا نه ڏنا ويا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ڪندڙن ۾ سياس?? معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، وهاڙي مان قومي اسيمبلي ميمبر اورنگزيب خان کچي ۽ نور محمد خان ڀاڀا شامل ه??ا. ملاقات ۾ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ آبادگارن جي لاءِ خصوصي پئڪيج تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي.