اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نوجوان پارليامينٽرين جو ??رد??ر اهم اهميت رکندڙ سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ملڪي آبادي جو وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان پنهنجون توانايون استعمال ۾ آڻي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ??رد??ر ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ينگ پارليامينٽري فورم (وائي پيف ايف)، پاڪستان ا??سٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز (پيپس) ۽ پائيدار سماجي ترقي جي تنظيم (ايس ايس ڊي او) جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ نوجوانن جي شرڪت ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار معاشي ۽ سماجي ترقي نوجوانن جي فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته پي آءِ پي ايس نوجوانن پارليامينٽ ميمبرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي ٿو ته جئين ا??وان جي ڪارروائي دوران سند?? شرڪت کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي.