اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنو??ات جي قيمتن ۾ ڦيرڦار بابت اوگرا جي تجويز رد ڪندي پيٽروليم مصنو??ات جي قيمتن کي 31 مئي تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فنانس ڊويزن پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان عالمي سطح تي پيٽروليم مصنو??ات جي قيمتن ۾ اضافي جو بار عوام تي نه وجهڻ چا??ي ٿو ۽ پيٽروليم مصنو??ات جي قيمتن کي برقرار رکڻ جي ڏس ۾ حڪومت روينيو ۾ 2.77 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪندي. 18 مئي کان پيٽرول جي قيمت 108.56 رپيا/ ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 110.76 رپيا/ ليٽر، گاسليٽ جي قيمت 80 رپيا/ ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت 77.65 رپيا/ ليٽر برقرار رهندي.