اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي، ان صلاحيت کي ??ستعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي ??ياحت جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان ڪائونسل جي ٻارهين (12) سيشن جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪائونسل گلگت بلتستان ۾ عوام کي ??واصلات جي بهتر سهولتن جي فراهمي جي غرض سان نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز سپيڪٽرم جي نيلامي جي حوالي سان پاليسي ڊائريڪٽيو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلا?? ۾ ??گلت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع جي منظوري ڏني، گلگت بلتستان ڪائونسل جي 6 ميمبرن جي چونڊ گلگت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع تحت ڪئي ويندي. ڪائونسل منهاس حسين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غذر، جي جج طور بئنڪنگ اينڊ ڪسٽمز ڪورٽ گلگت بلتستان مقرري جي منظوري ڏني، جناب منهاس حسين کي ??ج قومي احتساب ڪورٽ گلگت بلتستان جو اضافي جارچ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ايجنڊا جي باقاعده منظوري کانپوءِ وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي وڏي وزير کان تازين برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ رليف قدمن جي حوالي سان بريفنگ ورتي، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي صلاحيت کي ??ستعمال ۾ آڻڻ ۽ فروغ جي حوالي سان به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان صلاحيت کي ??ستعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي ??ياحتي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جئين جتي سياحت کي ??رُغ حاصل ٿئي اتي مقامي آبادي کي ??هتر معاشي موقعا ميسر ??چي سگهن.