اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته پاڪستان ۾ ويهي پاڪستان ۽ فوج جي خلاف ٽرينڊز هلائيندڙ ۽ ا?? جو دفا?? ڪندڙ اڄ افغانستان جي صورتحال کان اکيون ڦيرائي رهيا آهن?? عوام تڏهن محفوظ هوندي آهي جڏهن ادارا مضبوط هجن، اس??ن کي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي ته پاڪ فوج ۽ ٻيا ادارا تسبيح جهڙي ترتيب ۾ اس??ن جي چوڌاري قلعو بڻائي بيٺل آهن، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته افغانستان جا حڪمران ڏهاڪن تائين ملڪ کي لُٽيو، وسيلا ادارا ٺاهڻ تي نه لڳايا پر ذاتي ٽجوڙيون ڀريون، ان جو نتيجو آهي ته اڄ ان جو دفاعي قلعو ڌوڙ جي ديوار ثابت ٿيو آهي، اس??ن کي آزادي جو قدر ۽ ملڪ جي اهميت سان روشناس رهڻ گهرجي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کان هوشيار به رهڻ گهرجي.