اسلام آباد – 16 ??گس?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن سان ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪري افغانستان مان عالمي صحافين کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪر?? تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت، صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ جو حامي آه??. هن چيو ته پاڪستان صحافين جي حقن جي حوالي سان پنهنجي عالمي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آه??. افغانستان ۾ عالمي ميڊيا جي ميمبرن کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪر?? لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آه??. سٽيون بٽلر چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ عالمي صحافين جي نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا دا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو آه??.