اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آه?? ته هو عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ملازمت ڏئي انهن جي مالي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪن، حڪومت پنهنجي ڪاروبار ??اءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا آه??. نوجوانن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، اهڙن خيالن جو اظهار ??ن سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن چيمبر جي صدر قيصر اقبال بريال جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي برآمدي ص??احيت ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ان جي حصيداري جي باري ۾ آگاهه ڪيو. قيصر اقبال بريال صدر کي سيالڪوٽ جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفد کي خاطري ڪرائي ته سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري مدد فراهم ڪئي ويندي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته معذور ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو آه?? ۽ انهن کي ڪاروباري برادري جي خصوصي تعاون سان هنر جي فراهمي جي ذريعي روزگار ۽ مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، هن چيو ته حڪومت نوجوانن، عورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏئي رهي آ??ي، ان سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آه?? ته جئين هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته آگاهي جي کوٽ جي ڪري ماڻهو حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن مان ڀرپور فائدو ناهن وٺي سگهيا ۽ قرضن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي سهولت ۽ رهنمائي جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ روالپنڊي ، اسلام آباد ۽ اٽڪ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عورت نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد به صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پي??ا ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ پنهنجي تعاون جي آڇ ڪئي ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته هو اين جي اوز، عورتن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ان بيماري جي باري ۾ آگاهي پي??ا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪنديون.