اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سان 115 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪ??رس (اين ايم سي) جي آفيسرن ملاقات ڪئي آهي. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران آفيسرن سان ڳالهائيندي وزير??عظ?? عمران خان چيو ته سرڪاري ملازم عوامي خدمتن جي وڏي ذميداري نڀائيندا آهن، هن چيو ته ترقي ۽ عزت ڪمائڻ جو رستو سدائين چئلينجز سان ڀريل هوندو آهي، نوجوانن جو اخلاقي معيار بلند ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي وزير??عظ?? عمران خان چيو ته توهان جي سامهون فيصلا ساز طور سدائين ٻه رستا هوندا، هڪ رستو پئسو ڪمائڻ جو آسان طريقو آهي جيڪو بدعنواني ۽ تباهي جي طرف وٺي ويندو آهي جڏهن ته ٻيو رستو عزت ۽ ترقي جو آهي جيڪو چئلينجز سان ڀريل آهي، هن چيو ته اسان جو تعليمي نظام طبقاتي ويڇا پيدا ڪيا آهن، موجوده حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو نصاب آڻي رهي آهي جنهن سان اسان جي ٻارن کي مضبوط بنياد ملي سگهندو ۽ اهو شاگردن جي چونڊ آهي ته هو جنهن شعبي ۾ چاهين مهارت حا??ل ڪن.
وزير??عظ?? عمران خان چيو ته رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو بنيادي مقصد اسان جي معاشري جي اخلاقي معيار کي بلند ڪرڻ آهي، اٿارٽي تحقيق ڪندي ۽ اسان جي حضور نبي ڪريم ﷺ جي زندگي تي ٻڌل رهنمائي فراهم ڪندي. وزير??عظ?? چيو ته موجوده دور ۾ ٻارن کي موبائيل فون جي ذريعي هر قسم جي مواد تائين رسائي حا??ل آهي، غلط مواد ڪچن ذهنن لاءِ غلط فهميون ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيندو آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي نوجوانن ۽ ٻارن کي هڪ متبادل فراهم ڪندي ته ج??ئن انهن جي درست تربيت ٿئي، هن چيو ته طاقت جو استعمال انتهاپسندي جي خاتمي جو حل نه آهي، وزير??عظ?? عمران خان وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل ۾ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ سان هڪ معتدل، روادار ۽ ترقي پسند معاشرو جڙندو. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي اڳوڻين حڪومتن جي بدعنواني جي ڪري وڏو مالي قرض ورثي ۾ مليو آهي، ڪورونا جي باوجود پاڪستان پنهنجي معيشت کي ڪاميابي سان سنڀاليو، حڪومت جي ”ڪاروبار ۾ آساني“ جي پاليسي جي ڪري سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته توانائي ۽ پاڻي جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 ڊيمن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته معاشي ترقي ۽ خوشحالي حا??ل ڪرڻ هڪ مسلسل عمل آهي حڪومت سمورن شعبن ۾ ڊگهي مدي واري سڌارن جي لاڳو لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جلد خطي جو اهم اڳواڻ ملڪ بڻجي ويندو ج??ئن 70ع جي ڏهاڪي ۾ هو.