اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي بل??ياتي ادارن کي مفلوج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي، اهو ڪارو قانون آهي، اڄ ملڪ جون جيڪي معاشي حالتون آهن ان جو ذميدار بل??ول ??و والد زرداري آهي، بل??ول ??رداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته زرداري ملڪي ناڻي کي بي دردي سان لُٽيو، جعلي اڪائونٽس ٺاهيا، مني لانڊرنگ ڪئي، ??يپلزپارٽي علائقائي پارٽي بڻجي چڪي آهي، ??اڻي سنڌ مان به پيپلزپارٽي جو صفايو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته 13 سان کان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، ??ر ڪو ??ه هڪ وڏو منصوبو سنڌ ??ي عوام کي نه ڏئي سگهي، گرين لائين بس، سرڪلر ٽرين، نالن جي صفائي، سنڌ ??ي پوئتي پيل علائقن جي ترقي جي منصوبن تي به وفاق ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌ ??ي عوام بل??ول، زرداري ۽ ڪڻڪ چورن کان ڇوٽڪاري چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته بل??ول ٻڌائي ته انهن ڪوئن جو ڇا ڪيو جيڪي اربين روپين جي ڪڻڪ کائي ويا آهن، پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ ??ي عوام کي وڌيڪ اگهه وٺندڙ، ٽينڪر مافيا، ڏوهاري پيشيور ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ??لڪ جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن اٽو ۽ ڪڻڪ سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي ته اهو سنڌ ??و علائقو آهي، ??يپلزپارٽي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ڪري ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي مقامي ماڻهن جو حق ماريو آهي.