گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ بليو اڪانومي کي استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي علائقائي رابطن ۽ و??پار جي فروغ سان گڏ بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، افغانستان ۾ مستقل امن سان پا??ست??ن جي معيشت تي م??بت اثر پوندا، سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پا??ست??ن سامونڊي وسيلن ۽ بليو اڪانومي مان فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. گوادر پورٽ نه صرف معاشي طور تي پر دفاعي اعتبار سان به اهم آهي، هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان واپار لاءِ رابطي رستن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، علائقائي رابط ۽ و??پار جي فروغ سان بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته وچ ايشيائي ملڪ افغانستان جي رستي گوادر بندرگاهه تائين واپار جي لاءِ بي چين آهن، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن آيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن سان اسان جي معيشت تي بهترين اثر پوندا. صدر چيو ته پا??ست??ن 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه فراهم ڪئي، اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ قوم ڪورونا جي خلاف اسان جي حڪمت عملي جي هامي ڀري رهيا آهن، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪومت جي وقت سر فيصلن سان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيو پر ملڪي معيشت کي به فائ??و پهتو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن جي سموري فورسز ملڪ جي دفاع ۽ مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجو م??بت ڪردار ادا ڪيو آهي، سائبر جنگ ٻين خطرناڪ هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، پا??ست??ن تي ڪيترائي ڀيرا سائبر حملا ڪيا ويا آهن، بدلجندڙ حالتن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو.