اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گي??س ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پوليو جي خاتم?? لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيندي چ??و ته پاڪستان ۾ پوري هڪ سال کان پوليو وائرس جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ صورتحال اميد جوڳي نظر اچي ٿي جڏهن ته اسان ان حوالي سان قدم جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوليو مهم جو تجربو ڪوويڊ 19 جي وبا دوران تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو جنهن ۾ پاڪستان غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر هلال پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي بل گيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چ??و ته هي ايوارڊ انسانيت ج?? لاءِ ان جي فلاحي خدمتن جي اعتراف ۾ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ماءُ ۽ ٻار جي غذائي ضرورتن کي بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ احساس جو تمام سٺو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بل گيٽس چيو ته بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران گيسٽرڪ مائي??رو بايوم تي ڪئي ويندڙ تحقيق سان ان سلسلي ۾ ڪجهه چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ مائي??رو سافٽ سان شاندار تعاون جو منتظر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪو چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي منهن ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.