ماسڪو – 24 فيبروري (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير ۽ وفد سان ميمبر وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان ۽ گرينڊ مفتي جي وچ ۾ اسلام?? فوبيا جي حوالي سان ڳالهه ??ولهه ??ي. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ان مسجد جو ڪم گهڻو وقت اڳ شروع ٿيو پر ان کي 2014ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته مون کي دوري دوران ٻڌايو ويو آهي ته روس ۾ 2 هزار مسجدون آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان اسلام?? فوبيا جي حوالي سان ٺوس ۽ تفصيلي ڳالهه ??ولهه ??ي آهي. هن چيو ته روسي صدر جو نبي ڪريم ﷺ جي حوالي سان محبت جو اظهار قابل تحسين ڳالهه آهي. هن چيو ته صدر سان ملاقات دوران مون چيو ته اسان کي ان صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. بدقسمتي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلام?? فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان پوري ڪوشش ڪندو ته اولهندي ملڪن کي اسلام جي حوالي سان آگاهي ڏي ۽ ٻڌائي ته اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته روس جي گرينڊ مسجد هڪ خوبصوت مسجد آهي.