اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگ?? ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ عورتن جي ع??لم?? ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي وڪالت ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستاني عورتون مختلف شعب?? ۽ ??يشن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن وڏي جد??جهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو آهي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آه?? ۽ ??لڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيون آهن. بيگ?? ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت عورتن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، هن پنهنجي گهرن تي ئي ٻارن ۾ عورتن جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.