اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ورثي ۾ مليل ڏيوالپڻي واري معيشت کي استحڪام مليو ۽ قومي معيشت هاڻي پائيدار واڌويجهه جي راهه تي گامزن آهي، وزيراعظم چونڊيل نمائندن کي عوام سان ??ن??نج?? رابطو مضبوط ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي ته جيئن عوام ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کان ??ڌ آگاهي پيدا ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان اها ڳالهه سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ پشاور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ چڪوال سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن سان جدا جدا ملاقاتن ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ورثي ۾ مليل ڏيوالپڻي واري معيشت کي استحڪام مليو ۽ قومي معيشت هاڻي پائيدار واڌويجهه جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام سان ??ن??نج?? رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کان ??ڌ آگاهي پيدا ڪري سگهجي. انهن اسڪيمن ۾ نئون پاڪستان ??ومي صحت ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪارڊ تحت راشن رعايت پروگرام سميت ڪيترائي غريب پروڙ قدم، آبادگار ڪارڊ تحت فصلن جي لاءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي فراهمي، ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پاڪستان ??روگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستا ڪاروباري قرض ۽ نوجوانن جي لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. وزيراعظم انهن کي ماڻهن کي اها حقيقت باور ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته حڪومت انهن جي پريشانين کان ??وري طرح آگاهه آهي ۽ عالمي منڊين ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ ٿيندڙ تاريخي اضافي جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. انهن عوام دوست قدمن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپ??ن جي گهٽتائي ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپ??ا جي گهٽتائي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ آءِ ٽي ڪمپنيز ۽ فري لانسرز جي لاءِ 100 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ، 100 سيڪڙو غيرملڪي ڪرنسي رکڻ جي اجازت ۽ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس تان 100 سيڪڙو جي ڇوٽ شامل آهي. ان کانسواءِ ڪامياب پاڪستان ??روگرام تحت ايندڙ 2 سالن ۾ ڪاروباري قرضن تي 407 ارب رپ??ن جي سبسڊي ڏني ويندي. احساس پروگرام تحت ماهوار وظيفو 12000 رپ??ن مان ??ڌائي 14000 رپ??ا ڪيو ويو آهي. گريجوئيٽ انٽرن شپ وظيفو 30000 رپ??ا ماهوار سان گڏوگڏ 26 لک اسڪالرشپس جي لاءِ 38 ارب رپ??ا رکيا ويا آهن. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت هدف تي ٻڌل سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪري مهانگائي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سان ??لاقات ڪندڙن ۾ پشاور مان شوڪت علي ۽ شير علي ارباب، اسلام آباد مان راجا خرم شهزاد نواز ۽ علي نواز اعواڻ، راولپنڊي ۽ چڪوال مان راشد شفيق، منصور حيات خان ۽ ذوالفقار علي خان ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن ڪنول شوزب، بيگم شاهين سيف الله طورو، نفيسا عنايت الله خٽڪ ۽ نورين فاروق ابراهيم شامل هيون. اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري اشفاق، حاجي محمد يونس علي انصاري ۽ چيَن ون جي سي اي او ميان ڪاشف اشفاق پڻ وزيراعظم سان ??لاقات ڪئي.