اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 90 لک اوورسيز پاڪستاني عمران خان تي ڀرپور اعتماد ڪندا آهن، اوورسيز پاڪستانيز اسان جو اثاثو آهن، اوورسيز پاڪستانيز ساليانو 30 ارب ڊالر پاڪستان موڪلي رهيا آهن، ??ري?? صفدر اليڪشن ڪميشن اچي ثابت ڪري ڇڏ??و ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، ??ري?? صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي، پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته اوورسيز پاڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر موڪلي رهيا آهن، ن ليگ دور ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 18 ارب ڊالر هو، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪئي آهي، اسان جا پيڊ ميمبر ساليانو جي بنياد تي ميمبرشپ ادا ڪندا آهن، اسان کي فارن فنڊنگ ڪندڙ ماڻهو اڄ منهنجي چوڌاري بيٺل آهن، اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺڻ جا طعنا ڏيندڙ ڏسي وٺن ته اسان کي ڪهڙا ڪهڙا پاڪستاني فنڊنگ ڏيندا آهن، ??ري??، بلاول، زرداري، شهباز شريف سم??ت ڪنهن کي انهن فارن فنڊنگ ڪندڙن سان ملڻو آهي ته اچي وڃن، مملڪتي وزير چ??و ته ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي، ثابت ٿي و??و ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، اڄ ??ري?? صفدر پاڻ، اڪبر ايس بابر جي ڪيس جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آيل آهي، ??ري?? صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، فرخ حبيب چ??و ته ??ري?? ٻڌائي ته 65 ڪروڙ ڪٿان آيا، مئل ماڻهن جا اڪائونٽس 2017ع تائين ڪير هلائيندو رهيو، گذريل ٽن مهينن کان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال تي هڪ اجلاس نه ٿي سگهيو، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چ??و ته پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، پيپلزپارٽي پنهنجي 12 ڳجهن اڪائونٽن جي باري ۾ ٻڌائي، فضل الرحمان ڪير ٿيندو آهي جيڪو ادارن کي ڊڪٽيٽ ڪري، فضل الرحمان ليبيا کان فنڊنگ وٺندو رهيو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته پيپلزپارٽي مارڪ سيگل کي يو ايس اي ۾ ڇو ادائيگيون ڪندي رهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ڪي ۽ آمريڪا ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ درخواست ڪئي آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي، اسڪروٽني ڪميٽي کي فوري فعال ڪيو وڃي ته جيئن ڪميٽي پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري، فرخ حبيب چ??و ته ??ري?? صفدر، فضل الرحمان، زرداري پنهنجي پارٽين جا کاتا کڻي اچن.