اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ سان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي پنجاب ۾ حڪومت تي ڪو اثر نه ٿو پوي، وڏو وزير حمزه شهباز ئي آه??، عمران صاحب جي لاءِ اڄ خوشي ملهائڻ جو نه ماتم ڪرڻ جو ڏينهن آه??، عمران صاحب کي ماتم ڪرڻ گهرجي ڇو ته سندس پارٽي جا 25 ميمبر کيس ڇڏي ويا، عمران صاحب جي اٽو، کنڊ، گيهه، دوا چوري، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي خلاف سندس ميمبر کيس ڇڏي ويا، اهي عمران صاحب جي لاءِ 25 چماٽون آه??، 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ سان عمران صاحب سياست مان ڊي سيٽ ٿي ويو آه??، مطالبو ڪريون ٿا ته جهڙي طرح اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي خلاف ڪيس جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڏنو، 8 سالن کان التوا هيٺ فا??ن فنڊنگ ڪيس جي ڊيگهه ڏسندي هڪ ڏينهن ۾ فيصلو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چار سال اقتدار تي مڙهيل ٽولي عوام کي ڦريو، ملڪي معيشت جا ترا ڪڍي ڇڏيا، اقتدار ۾ رهي سياسي مخالفن ۽ ميڊيا جو آواز بند ڪيو ۽ پنهنجي نالائقي سان چوري جو بازار گرم ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب جي 25 ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي فيصلي جو پنجاب حڪومت تي ڪو اثر نه پوندو. هن چيو ته عمران خان چار سالن تائين عوام سان رڳو ڪوڙ ڳالهايو ۽ انهن 25 ميمبرن عمران خان جي پاليسين کان انحراف ڪيو. هن چيو ته هڪ هفتو اڳ عمران خان اليڪشن ڪميشن جي خلاف هو، اڄ ان فيصلي کانپوءِ هو اليڪشن ڪميشن کي سلام پيش ڪري رهيو آه??. هن چيو ته آئين شڪني جي خلاف جڏهن رات جون عدالتون کليون ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ججز ۽ عدالتن کي ڌمڪيون ڏنيون، انهن جي فيمليز کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي پارٽي جي ٽوئيٽر هينڊلرز جي ذريعي انهن ججن جي خلاف منظم مهم هلائي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان شخص جي ذهني ڪيفيت عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿي، اهي ماڻهو اقتدار سان چنبڙيل رهڻ چاهين ٿا، ڀلي اهو اقتدار عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي ??ي. هن چيو ته عمران خاان جي حڪم تي صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، گورنر آئين شڪني ڪئي، ان آئين شڪني جي خلاف منحرف ميمبرن آواز اٿاريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 25 منحرف ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي پنجاب ۾ حڪومت تي ڪو اثر نه ٿو پوي، وڏو وزير حمزه شهباز ئي آه??. اڄ جي فيصلي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن جو پنجاب ۾ انگ 177 آه?? ۽ پي ٽي آءِ جو 172 آه??، ڊي سيٽ ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن عوام جي ڦرجڻ، بجلي، گئس ۽ دوا چوري جي ڪري پنهنجي پارٽي سان اختلاف ڪيو، عمران خان جي پاليسين جي ڪري اهي پنهنجي تڪن ۾ نه وڃي سگهندا هئا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آه??، منحرف ميمبر ووٽ ڏيڻ جو حق رکن ٿا، ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبر نتيجي کان آگاهه هئا، ان جي باوجود انهن ان سياست سان اختلاف ڪيو جيڪا عوام کان اٽو کسي وٺي، عوام کي غربت جو شڪار ڪري، ملڪ ۾ افراتفري پکيڙي ۽ معيشت تباهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عمران خاان 25 ميمبرن کان محروم ٿيو آه??، سندس ميمبرن پاڪستان جي عوام جي خاطر ووٽ ڏنو، انهن ان فا??سٽ، غنده گردي ۽ عوام کي ڦريندڙ حڪومت جي خلاف ووٽ ڏنو، اهي ميمبر ان فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو حق رکن ٿا. هن چيو ته ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ پاران ڪا هدايت جاري نه ٿي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاڪستان جي عوام کي ڦريو، ريليف ڏيڻ بدران عوام کي بيروزگار ڪيو، ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڍونگ رچايو، چار سال اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهي ??ارٽلز ۽ مافياز کي فا??دو پهچايو، چار سال ان ٽولي پنجاب کي بدترين نقصان پهچايو، مسلم ليگ (ن) ۽ شهباز شريف پنجاب کي جيڪو جيڪو ريليف ڏنو هو، ان ٽولي عوام کي ان کان محروم ڪيو ۽ عوام جو معاشي قتل ڪيو. عثمان بوزدار جي صورت ۾ هڪ گونگو ۽ ٻوڙو وڏو وزير پنجاب تي مڙهيل هو جنهن جي مٿان فرح گوگي عمران خان جي بي نامي مڙهيل هئي جنهن پنجاب ۾ ڦرلٽ ڪئي، اهي سموريون حقيقتون پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته ڊي سيت ٿيندڙ ميمبرن عمران خان جي سياست کي ڊي سيٽ ڪيو آه??، اڄ جيڪي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران شادمانا وڄائي رهيا آه?? هي انهن جي لاءِ ماتم جو وقت آه?? ڇو ته تحريڪ انصاف پنجاب ۾ 25 ماڻهن کان محروم ٿي آه??. هن چيو ته ان فيصلي جو مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين تي ڪو اثر نه پوندو، مسلم ليگ (ن) عمران خان جي بدترين ۽ بدبودار احتساب ۽ ميڊيا ٽرائلز جي باوجود اڄ سرخرو آه??. انهن جو لڳايل ڪرپشن جو هڪ الزام به ثابت نه ٿيو. ان بدترين احتساب جي باوجود ڪنهن اهڙي شخص جو نالو وٺن جيڪو نواز شريف کي ڇڏي ويو هجي يا پارٽي سان اختلاف ڪيو هجي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي ۾ به عمران خان جي خلاف ان جي اتحادين آواز بلند ڪيو، بي اعتمادي رٿ ذريعي کيس پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلايو ويو، پنجاب اسيمبلي مان به انهن کي بي اعتمادي رٿ ذريعي ٻاهر اڇلايو ويو، جنهن اسيمبلي ۾ به انهن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ايندي، انهن کي کڻي ٻاهر اڇلايو ويندو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آه??، آئين ان جي اجازت ڏي ٿو، اهي سموريون شيون انهن جي خلاف آئين جي روح سان ٿيون، ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبرن ڏينهن ڏٺي عمران خان جي پاليسين جي خلاف ووٽ ڏنو، انهن ميمبرن عمران خان جي معاشي تباهي جي خلاف ووٽ ڏنو آه??. هن مطالبو ڪيو ته جهڙي طرح اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي خلاف ڪيس جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڏنو آه??، 8 سالن کان التوا هيٺ فا??ن فنڊنگ ڪيس جي ڊيگهه کي ڏسندي هڪ ڏينهن ۾ فيصلو ڪري. هن چيو ته چار سال تائين وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي مڙهيل شخص فا??ن فنڊنگ جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي، عمران خان فا??ن فنڊنگ ڊڪليئر نه ڪئي، فا??ن فنڊنگ ڪيس ۾ دير ڇو ٿي رهي آه??؟ عمران خان جي ان فيصلي کي روڪڻ جي لاءِ عدالتن ۾ درخواستون ڪيُون ويون، اليڪشن ڪميشن ۾ فا??ن فنڊنگ ڪيس جي جڏهن به ٻڌڻي ٿي ته اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪي ڏني وئي. عمران خان کان جڏهن فا??ن فنڊنگ جو سوالو ڪريو ته چون ٿا ته ٻين پارٽين کان حساب وٺو، اسان 40 سالن جو حساب ڏنو آه??، عمران خان پنهنجي فا??ن فنڊنگ ۽ فرح گوگي جي ڦرلٽ جو حساب ڏي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ملازمن جي ذاتي اڪائونٽس ۾ پئسا گهرايا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا، عمران خان جي مني لانڊرنگ بابت ثبوت اسٽيٽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا، اهو اسٽيٽ بئنڪ جو سرڪاري رڪارڊ آه?? جيڪو عمران خان کي مني لانڊرر ۽ فا??ن فنڊنگ جو ڏوهاري قرار ڏئي چڪو آه??. هن چيو ته فا??ن فنڊنگ جو فيصلو ايندو ته تحريڪ انصاف جي پوري پارٽي ڪالعدم ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جيڪڏهن نااهلي ڪنهن جي بڻجي ٿي ته اها عمران خان جي بڻجي ٿي، مني لانڊرنگ، مهانگائي، عوام کي ڦرڻ، ڪارٽلز ۽ مافيا جا کيسا ڀرڻ تي نااهلي عمران خان جي بڻجي ٿي، اها نااهلي انهن 25 منحرف ميمبرن جي نظر ۾ ٿي چڪي آه??. هن چيو ته جڏهن چونڊُون ٿينديُون ته پي ٽي آءِ کي ٽڪيٽ جي لاءِ ماڻهو نه ملندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحادين جي اڪثريت آه??. اڄ تحريڪ انصاف 25 ميمبرن کان محروم ٿي آه??، انهن ميمبرن عمران خان جي پاليسين سان انحراف ڪندي کيس ڇڏيو آه??، اهي عمران خان جي منهن تي 25 چماٽ آه??. هن چيو ته عمران خان انهن ميمبرن جي ڳالهه ڪڏهن نه ٻڌي، ان جو مقصد ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀرڻ هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪرائي جا ترجمان هينئر کان ئي ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ٿي ويا آه?? ته حڪومت ختم ٿي وئي آه??، حمزه شهباز وٽ 177 ووٽ موجود آه?? جڏهن ته پي ٽي آءِ وٽ انهن ميمبرن جي وڃڻ کانپوءِ هاڻي 172 ووٽ آه??. هن چيو ته عمران خان جي چار سالا ڪارڪردگي اها آه?? ته هو پنهنجي ماڻهن کي به گڏ نه رکي سگهيو، ان جون پاليسيون عوام دشمن هيون، هن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ خط لهرائڻ سان سندس بيانيو دفن ٿي چڪو آه??. هن چيو ته هي ماڻهو مريم نواز بابت ڳالهيون ڪري رهيا آه??، مريم نواز ڪنهن کان نه ٿي ڊڄي، مريم نواز کي ڪمزور نه سمجهو، هوءَ انهن کي جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي ۽ سرگوڌا ۾ انهن کي جواب ملي به ويو هوندو. هن چيو ته اڄ اهو شخص وات کولي رهيو آه?? جيڪو فرح گوگي کانسواءِ بي آر ٽي پشاور، مالم جبه، هيلي ڪاپٽر ڪيس، اٽو کنڊ ڪرپشن تي جواب نه ڏئي سگهيو، فرح گوگي تي ان لاءِ جواب ڏئي رهيو آه?? ته اها ان جي بي نامي آه??. هن چيو ته اٽو، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوا چوري، ملڪ کي تباهه ڪرڻ، آئين شڪني ۽ ميڊيا جو آواز دٻائڻ تي سندس ميمبرن انهن کان منحرف ٿيا. هڪ سوال تي هن چيو ته رياست جا ٽي ٿنڀ آه??، انهن جون پنهنجون پنهنجون آئيني حدون مقرر آه??، ايگزيڪيوٽو جو ايڊمنسٽريٽر استحقاق موجود آه??، قابل آفيسرن جي مقرري وفاقي حڪومت جو اختيار ۽ استحقاق آه??. هن چيو ته گذريل چار سالن ۾ ادارن کي سياسي مخالفن ۽ ميڊيا جي خلاف استعمال ڪيو ويو. راڻا ثناءُ الله جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج کي ان جي ڪري تبديل ڪيو ويو ته شايد هو راڻا ثناءُ الله کي ضمانت ڏئي ڇڏيندو. هن چيو ته شهزاد اڪبر ايسيٽ ريڪوري يونٽ جو هيڊ هو، هو نيب جي آفيس ۾ ويهي ??رفتارين جا حڪم ڏيندو هو، هو انهن جيلن جي نگراني ڪندو جتي سياسي مخالفن کي سزا موت جي چڪين ۾ رکيل هو، هو اهو ڏسندو ته شهباز شريف کي نماز جي لاءِ ڪرسيءَ ملي آه?? يا نه. بشير ميمڻ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته مون کي عمران خان پنهنجي آفيس ۾ گهرائي دٻاءُ وڌو ته آئون انهن سمورن ماڻهن جي خلاف ڪيسز ٺاهيان، مون چيو ته ڪيسز نه ٿا ٺهن ته مون کي فا??غ ڪيو ويو. اهي سموريون شيون تاريخ ۽ رڪارڊ جو حصو آه??. هڪ سوال تي هن چيو ته ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبرن کي حق حاصل آه?? ته اهي پنهنجي خلاف فيصلي کي چئلينج ڪن. هن چيو ته عمران خان کي 25 ميمبر ڇڏي ويا آه??، ان تي کيس خوشيون نه ماتم ڪرڻ گهرجي. اليڪشن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چونڊون ڪراڻ ۽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو فيصلو اتحادين سان گڏجي ويهي ??نداسين. عمران خان چونڊون ڪرائڻ جي حق نه ٿو رکي، وٽس ان وقت استحقاق هو جڏهن هو وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي مڙهيل هو، ان وقت اليڪشن ڪرائي ڇڏي ها، هاڻي ان وقت چونڊون ٿينديون جڏهن اتحادي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان جي تاريخ ڏيندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته عمران خان ذهني مريض آه??، هو صبح جو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ۽ شام جو ٻي ڳالهه ڪري ٿو، پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته ڪنهن انهن کي ڦريو، ڪنهن عوام کان دوا ڦري، ڪنهن ڪوڙا واعدا ڪيا، ڪنهن پرڏيهي پاليسي ۽ ملڪي سلامتي کي نقصان پهچايو. هن چيو ته عوام انهن سمورين شين کي نظر ۾ رکندي پنهنجو فيصلو ڪندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ٽڪيٽ جي لاءِ ماڻهو ڳولندي رهندي پر انهن کي ماڻهو نه ملندا. هڪ سوال تي هن چيو ته فا??ن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميسن جي ذميواري آه??، اسٽيٽ بئنڪ جو رڪارڊ موجود آه??، اليڪشن ڪميشن اهو رڪارڊ عوام کي فراهم ڪري ته پي ٽي آءِ جو وڪيل ڪيترا ڀيرا بيمار ٿيو، ڪيترا ڀيرا ٻاهرئين ملڪ ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وٽ مواد موجود نه آه??، انهن مني لانڊرنگ ڪئي آه??، انهن غيرملڪين کان پئسا ورتا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا. هڪ سوال تي هن چيو ته اڄ تائين انهن مسلم ليگ (ن) ۾ اختلاف نه ڏٺو، مسم ليگ (ن) هڪ پارٽي آه?? جنهن جو قائد محمد نواز شريف آه??. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي اتحادين سان گڏجي فيصلا ڪندو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عمران خان کي پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍيو، ايندر عام چونڊن ۾ پاڪستان جي سياست ۾ انهن جو نالو وٺڻ وارو ڪير نه هوندو. هن چيو ته عوام کي مهانگائي ۾ ڌڪڻ مسلم ليگ (ن) جي منشور جي خلاف آه??، مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادين جو فيصلو آه?? ته گذريل حڪومت جي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو بار پاڪستان جي عوام تي ڇو وڌو وڃي، پاڪستان جي عوام کي ان جي سزا ڇو ڏني وڃي، اها سزا ان شخص کي ڏيڻ گهرجي جنهن منفي سياست جي لاءِ ملڪي معيشت کي استعمال ڪيو، پنهنجي منصب کي استعمال ڪيو، پاڪستان جي عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسيو، اها سزا پاڪستان جي عوام کي نه عمران خان کي ملڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪراچي ۾ فا??رنگ جي واقعي ۾ ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان کي نظرانداز ڪرڻ کانپوءِ اها صورتحال پيدا ٿي آه??. سمورين پارٽين گڏجي پارليامينٽ جي ذريعي نيشنل ايڪشن پلان ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏني هئي، عمران خان پنهنجي انا ۽ ضد جي خاطر نيشنل ايڪشن پلان کي نظرانداز ڪيو، هو صوبن سان ڳالهه ڪرڻ به مناسب نه سمجهندو هو. پاڻي، دهشتگردي يا معيشت جهڙن مسئلن تي هو صوبن سان ڳالهه نه ڪندو هو، ڪوويڊ دوران جڏهن صوبن جي اندر ميٽنگ ٿي ته هي اتان اٿي هليو ويو. اڄ ان طرزعمل جا اثر انهن واقعن جي شڪل ۾ اسان جي سامهون آه??. هن چيو ته شهباز شريف کي انا، تڪبر ۽ ضد جو ڪو مسئلو نه آه??، هو سمورن صوبن جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين سان ڳالهه ڪري ٿو، هر ڏينهن انهن سان ميٽنگ ڪري ٿو ته جيئن ملڪ ۾ ڪنهن جڳهه تي مهانگائي نه ٿئي، دهشتگردي نه ٿئي، امن امان جي صورتحال خراب نه ٿئي، اهو ئي فرق وزيراعظم شهباز شريف ۽ عمران خان ۾ آه??. هڪ سوال تي هن چيو ته جڏهن شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ هو ته هن ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي مٿس اين آر او جو الزام هنيو ويو، عمران خان اڄ تائين اين آر او جو الزام ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته معيشت، پاڻي يا دهشتگردي جو مسئلو هجي، انهن سمورين شين تي شهباز شريف ڪنهن به قسم جي انا يا ضد نه ٿو رکي، کيس پنهنجي ذات کان وڌيڪ پاڪستان جي عوام ۽ انهن جي تڪليفن جو احساس آه??. اهو ئي فرق هڪ جمهوري وزيراعظم ۽ فا??سٽ وزيراعظم ۾ هوندو آه??.