اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهي ٿو، پي ٽي آءِ جي عهديدارن ج?? گهرن مان هٿيارن ج?? برآمدگي سان عمران خان جا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي عوام ڏسي رهي آهي ۽ ان ج?? ذميدار صرف عمران خان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، هو هٿيارن ج?? زور تي اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته بندوقن، بم ۽ گولن ۽ بارود سان انتشار پکيڙڻ نه ڏيند??سي??، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? گوليون هلائڻ?? جلاءُ گهيراءُ جا رويا سياسي نه آهن، سياسي سرگرمين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ واضح لائين ڪڍڻي پوندي.