اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪرين جي ??اء?? امدادي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي جي ??اء?? نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪ??ري تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران ج??ري بيان موجب امدادي سامان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سامان پاڪستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهازن جي ذريعي پولينڊ رستي يوڪرين پهچندو. تقريب دوران پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر امدادي سامان يوڪرين جي سفير مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ يوڪرين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان يوڪرين سان گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت يوڪرين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ??اء?? اڳ ۾ به امدادي سامان فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ ج??ري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي م??ڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪ??ري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي سفير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪرين جي عوام جي ??اء?? امداد موڪلڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يوڪرين حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجهي ٿو. يوڪرين جي ??اء?? امدادي کيپ پولينڊ جي گادي و??ري شهر دارسا جي رستي م??ڪلي ويندي. سامان جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي م??ڪلي وئي هئي.