اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ 30 لک افغان پناهگيرن کانپوءِ روهنگيا واسين جو انگ به 4 لک تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هن وقت به 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي ميزبان?? ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پاڪستان ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پناهگيرن جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي هڪ بيان ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ساٿ ڏين، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پناهگيرن جي عالمي ڏي??هن جي ياد ۾ عالمي برادري سان گڏ آهي، ان ڏي??هن کي ملهائيندي اسان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، اهو ڏي??هن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جبري لڏپلاڻ جي محرڪن تي غور ڪريون ۽ تڪرارن جي روڪٿام ۽ ا??هن جي حل سميت پناهگيرن جي هالتن لاءِ پائيدار حل ڳولڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڏي??هن عالمي بار ۽ ذميداري جي سهڪار جي اصول تحت پناهگيرن جي تحفظ لاءِ اسان جي اجتماعي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو به موقعو آهي، بيان موجب پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان دني?? جي سڀ کان وڏي ۽ ڊگهي ترين پناهگيرن جي حالتن ۾ هڪ جي ذميداري پنهنجي ڪلهن تي کنئي آهي، پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزبان?? ڪري رهيو آهي جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پاڪستان ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيئن جيئن سڄي دنيا ۾ نيون حالتون اڀري رهيون آهن عالمي برادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، ڪووڊ سان جڙيل سماجي، اقتصادي ۽ صحت جي چئلينجن جي ڏس ۾ نئين عالمي عزم جي ضرورت آهي، افغان پناهگيرن لاءِ باقاعده، متوقع ۽ مناسب مالي امداد جي ذريعي ا??هن جي محفوظ ۽ باوقار واپسي جي ضرورت آهي، پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغان جي استحڪام ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري قدم کڻڻ اهم آهي ته جيئن مستقبل ۾ پناهگيرن جي ملڪ مان نڪرڻ جي امڪانن کي روڪي سگهجي، پاڪستان ان ڏي??هن جي مناسبت سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر کي سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ۽ ميزبان برادري جي حمايت جي واکاڻ جوڳي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان يو اين ايڇ سي آر سان پنهنجي قابل قدر سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو منتظر آهي، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن لاءِ پائيدار هل لاءِ ان جي ڪوششن ۾ تنظيم جو ساٿ ڏي.