اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين تر?? سفير کي سفير طور پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي سندس نئين ذميدارين جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان تر?? سفير مصطفيٰ يرداڪل پارليامينٽ هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به ملاقات ۾ موجود هو، صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ تر??ي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ تر??ي جي واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلي??ما??ي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تر??ي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، صادق سنجراڻي چيو ته پاڪ تر?? لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو، ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي تر?? سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تر??ي پاڪستان جي دلين ۾ ڀائر ملڪ جي حيثيت سان هڪ خصوصي مقام رکي ٿو، هن چيو ته عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، تر??ي جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ تر??ي جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندا.