سرينگر – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪا??فرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مڪمل هڙتال، سول ڪرفيو ۽ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرن جي ڪا?? کي ورجائيندي ڪشميري عوام کي آزادي جي تحريڪ جي ڪا??يابي جي لاءِ خاص دعائون ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪا??فرنس جي نظربند وائيس چيئرمين غلام احمد گلزار سينٽرل جيل سرينگر مان پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ چ??و ته 5 آگسٽ جديد ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان المناڪ، دردناڪ ۽ ڪارو ڏينهن آهي ۽ ڪشميري ان کي سدائ??ن استحصال ڏهاڙي، سوڳ ڏهاڙي ۽ ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا. هن چ??و ته اهو 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن هو جڏهن انسانيت جي قاتل ن??يندر مودي جي قيادت ۾ آر ايس ايس جي حمايت يافته شيطاني حڪومت ڪشميرين جا سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ٻيا سمورا بنيادي حق غضب ڪيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري چيو. هن 5 آگسٽ جي قدمن کي هندوتوا قوتن پاران ڪشمير جي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آبادي ۽ بنيادي حقن تي حملو قرار ڏنو. حريت اڳواڻ افسوس جو اظهار ڪ??و ته آر ايس ايس جي حمايت يافته مودي حڪومت پنهنجي شيطاني هندوتوا نظريي کي مڙهڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير کي قبرستان ۽ بنجر زمين ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چ??و ته هندوتوا قوتن تڪراري علائقي ۾ انتظامي تبديليون آڻي آبادڪاري جي نئين آبادياتي منصوبي جي شروعاتڪ ئي آهي جنهن جي شروعات نئين ڊوميسائيل قانون سان ڪئي وئي.