اسل??م آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره قوم کي 75هين يوم آزادي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي، ته ا??ان سڀني کي گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريب جي حوالي سان هن چيو ته گذريل 75 سالن دوران ملڪ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا ۽ مختلف مرحلن مان گذريو ??هي. هن چيو ته ا??ان کي هڪٻئي کي هيٺاهين ڏيکارڻ بجاءِ پنهنجي غلطين مان سکڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي هڪ جديد ۽ خو??حال بنائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي.