اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) قاهره ۾ پاڪستاني سف??رتخاني ۾ پاڪستان جي يوم آزادري جي ڊائمنڊ جوبلي ج?? موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. مصر ۾ پاڪستان جي سفير ساجد بلال جهنڊو ڦڙڪايو. جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي ۽ صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ڪري ٻڌايا ويا. ان کان اڳ يوم آزادي ج?? موقعي تي سف??رتخاني ۾ هڪ پروقار آجياڻو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستاني خاندانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جن ۾ اسماعيليه ۽ اسڪندريه شهرن مان به پاڪستاني شامل هئا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعا سان ٿي. تلاوت کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سفير ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جو مطالبو ڪرڻ تي پاڪستان جي ب??ني?? جي دانشمندي ۽ دور انديشي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن پاڪستان يج سيڪيورٽي اهلڪارن جي عوام کي هر قسم جي خطرن کان تحفظ فراهم ڪرڻ کي به ساراهيو. هن چيو ته جڏهن اسان پن??نجي آزادي جو جشن ملهائيندا آهيون ته اسان کي پن??نجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي به ياد ڪرڻ گهرجي. تقريب ۾ سڄي مصر مان 250 کان وڌيڪ پاڪست??ني?? شرڪت ڪئي.