بيجنگ – 24 – آگسٽ (اي پي پي) چين سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين سان گهري تعزيت جو اظهار ڪندي ??اڪ??تان کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تنبوئن ۽ ٻئي فوري ضرورت جي امدادي سامان سميت هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هتي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته چين تازو ئي ??اڪ??تان ۾ ڪيترين ئي جاين تي شديد ٻوڏ اچڻ جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ترجمان چيو ته اسان آفت سٽيل علائقي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان گهري تعزيت ۽ متاثرين ۽ زخمين سان دلي همدردي جو اظهار ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته چين ۽ ??اڪ??تان سچا دوست آهن جيڪي هڪ ٻئ?? جي ڏک ۽ پريشاني ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ وڏي قدرتي آفتن ۾ هڪ ٻئ?? جي مدد ڪرڻ جي سدائين سٺي روايت رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??اڪ??تان ۾ ٻوڏ کانپوءِ رياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي ??اڪ??تان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي فريم ورڪ تحت چين پاران فراهم ڪيل 4000 تنبو، 50000 ڪمبل، 50000 ٿُلهيُون چادرُون ۽ ٻيون امدادي شيون قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان کانسواءِ چين ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 25 هزار تنبو ۽ ٻيو سامان فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي، ريڊ ڪراس سوسا??ٽي چائنا هلال احمر ??اڪ??تان کي هنگامي طور تي 3 لک ڊالر روڪ امداد فراهم ڪري ڇڏي آهي. ترجمان چيو ته چين آفتن جي روڪٿام ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيندا رهندا. هن وڌيڪ چيو ته اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته ??اڪ??تاني حڪومت جي قي??دت ۾ ۽ عالمي برادر?? جي گڏيل مدد سان آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ پنهنجي معمول جي زندگي کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وينچوآن ۾ 2008ع ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي دوران ??اڪ??تان سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي دستياب سمورا تنبو چين موڪليا هئا ۽ چين ??اڪ??تان جي مشڪل جي گهڙيءَ ۾ فراهم ڪيل ان امداد کي نه ٿو وساري سگهي. ميڊيا جي ذريعن جي رپورٽس موجب چوماس?? جي برساتن جي نتيجي ۾ ??اڪ??تان جي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ اچڻ سان وڏي تباهي ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ٽي لک کان وڌيڪ بي گهر ٿيا آهن.