راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ 75 هون دفاع جو ڏهاڙو گڏيل جوش ۽ جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ تقريري مقابل??، ملي ن??من ۽ ٽيبلوز ذريعي 1965ع جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، ان موقعي تي سيمينارز ۽ ڪانف??نس?? پڻ منعقد ڪيون وينديون، 6 سيپٽمبر تي دفاع جي ڏهاڙي طور تي ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نئين نسل کي باور ڪر??ئي سگهجي ته ڀارت 1965ع ۾ رات جي اونداهي ۾ ڪهڙي طرح بزدلاڻي ڪاررو??ئي ڪندي پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڀارت کي سخت جواب ڏئي نه رڳو ملڪ جو دفاع ڪيو پر ڀارت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پهرين سيپٽمبر 1965ع تي جڏهن اها اطلاع ملي ته ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پاڪستاني فوج کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو بڻايو آهي ته پاڪ فضائيه هوائن ۽ فضائن ۾ پنهنجي حڪمراني ۽ عملداري قائم رکي، پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جارحاڻي انداز ملڪ جي فض??ئي حدن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻ??ئي ڇڏيو.