اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪيني?? جي صدر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي ۽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ تي زور ڏنو. جڏهن ته ڪيني?? جي صدر واقعي تي افسوس ڪندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ ميت جي واپسي جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري به ڪرائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستاني قوم ۽ ميڊيا برادري پاران واقعي تي شديد ڳڻتي کان ڪيني?? جي صدر کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم مرحوم ارشد شريف جي ميت جي جلد واپسي لاءِ ضابطي جي ڪارروائي جلد مڪم?? ڪرڻ جي درخواست ڪئي. بيان موجب ڪيني?? جي صدر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڪيني?? جي صدر واقعي جي جاچ رپورٽ جلد فراهم ڪرڻ ۽ مرحوم ارشد شريف جي ميت جي واپسي جي عمل کي تيز بڻائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.