اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي فوري طور تي واپس وٺڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها والاريل خطي ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ عملي قدمن سان گڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ?? ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 27 آڪٽوبر 2022ع تي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هن سال 27 آڪٽوبر تي والاريل ڄمون ?? ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي 75 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. اسان گذريل ساڍن 7 ڏهاڪن کان ڀارتي قابض فوج جي جاري ظلمن جي مذمت ڪندي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي ياد ڪرڻ جي لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايون ٿا، ان ڏينهن پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿي. هن چيو ته بيگناهه ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن جي ڪيترين ئي نسلن ڀارتي ڏاڍ، رتوڇاڻ ۽ تشدد کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏٺو. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ?? ڪشمير فوجي گهيراء?? ۾ ??هي جنهن ۾ والاريل خطي جي ماڻهن جي بنيادي آزادين تي سخت پابندين سان وڌيڪ شدت آئي آهي. صدر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان گذريل ٽن سالن ۾ صورتحال ڪافي خراب ٿي آهي جنهن ڀارتي آئين تحت ڄمون ?? ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو. اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪن ٿا جن ۾ چيو ويو آهي ته رياست ڄمون ?? ڪشمير جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ ڄمون ?? ڪشمير اظهار جي آزادي تي بي مثال پابندين، فرضي مقابلن، گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين، حراستي تشدد ۽ مارجڻ، جبري گمشدگين، سينيئر ڪشميري قيادت ۽ نوجوان ڇوڪرن کي نظربند ڪرڻ، پيلٽ گنز جي استعمال خاص طور تي ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻائڻ، ڪشميرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي لاءِ گهرن کي ساڙڻ ۽ محڪوم بڻائڻ جي ٻين طريقن جو نشانو بڻيل آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 690 کان وڌيڪ بيگناهه ڪشميري عدالت کان مٿانهون قتل ٿي چڪا آهن. صدر چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڄمون ?? ڪشمير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف ام??د جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قرباني جي جنگ رهيو آهي. اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ظلم ۽ ڏاڍ جي بدترين شڪلين جو مقابلو ڪندي مثالي همت ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو آهي. اسان انهن هزارين ڪشميرين جي رت جي قدر ڪريون ٿا جنهن ڀارت جي ناجائز قبضي کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.