اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عم??ان خان پاران سينئر صحافين حامد ??ير?? مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ج?? شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عم??ان خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، حڪومت ۾ رهي هن صحافين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عم??ان خان سياست ڪري، صحافين جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. پنهنجي بيان هن چيو ته لاشن تي سياست، صحافت تي سياست، عم??ان خان کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دشمني ته نه ڪريو. هن چيو ته جيڪو توهان جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دشمن آهي، عم??ان خان ٽنهي صحافين جا نالا وٺي انهن جي جان خطري ۾ وڌي جنهن ج?? شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، عم??ان خان ملڪ کي باهه لڳائي، رت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته صحافي سوال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دشمن. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائين پنهنجي خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.