ننڪانه صاحب – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خ??ن چيو آهي ته بيشڪ سڀ گڏجي مارچ سميت ڪجهه به ڪري وٺن جيستائين زنده آهيان ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، مديني ج?? رياست ان لاءِ ڪامياب رياست تصور هوندي آهي ڇو ته اتي قا??ون جي حڪمراني هئي، طبقاتي نظام ۽ مراعت يافته طبقن جي هوندي ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، اقامه مني لانڊرنگ جو هڪ طريقو آهي، وز??راعظم چونڊجڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو تقرير ۾ چيو هو ته هڪ وقت ايندو جڏهن ملڪ جو سڄو ڪرپٽ مافيا گڏجي ويندو. اهڙن خيالن جو اطهار وز??راعظم عمران خان بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.