اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته سعيد غني صاحب جي لاعلمي ??ي افسوس آهي، قوم جو مال ڦرڻ ۽ ڪوڙن انگ اکرن تي معيشت هلائيندڙن کي اهو به ع??م نه ??هي ته وز??راعظم عمران خان جي قيادت ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي 6 ماهي ۾ حاصل ڪيل ٽيڪس 2085 ارب آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 16.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ت?? گذريل سال جي مقابلي ۾ آمدني واپار جو تعداد 21 سيڪڙو گهٽ هو جڏهن ته داخلي ٽيڪس يعني انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ ترتيبوار 21.2 سيڪڙو، 34 سيڪڙو ۽ 25.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.