اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۽ طا??بان جي وچ ۾ امڪاني معاهدي جي ذ??يع?? افغانستان ۾ قيام امن جي اميد ظا??ر ڪندي چيو آهي ته پهريون ڀيرو درست رخ ۾ شيون اڳتي وڌي رهيون آهن، امڪان آهي ته انهن ۾ جلد معاهدو ٿي ويندو، فلاحي رياست ۽ وڌ کان وڌ کان ماڻهن کي امداد جي فراهمي لاءِ سياست ۽ حڪومت ۾ اچڻ ضروري هو، اسان کي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ناڪامي کان نه ڊڄڻ گهرجي، آئون ناڪامي ۽ موت کان ناهيان ڊڄندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلجيئم جي نشرياتي اداري ”وي آر ٽي“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو.