اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪ??ي پي آءِ اي جو هر مهيني خ??ارو 5 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، بيشڪ مون سميت پوري ڪ??بينا جو احتساب ڪيو وڃي جڏهن ته انهن ماڻهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جن ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم ۽ 6، 6 ڀيرا وزارتن ۾ رهي هن غريب ملڪ کي نقصان پهچايو، نيب جاچ جي آجيان ڪندس ۽ چاهيان ٿو ته منهنجي 1970ع کان 2020ع تائين سمورن اثاثن جا تفصيل ايوا?? ۾ ??يش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس وبا جي موجوده صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته پوري دنيا ڪورونا وبا جو شڪار آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايوي ايشن آپريشن معطل ٿي??. پاڪستان ۾ به اها صورتحال درپيش آئي.