اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. اجلاس کان اڳ بجيٽ سيشن جي شيڊيول ۽ ايجنڊا ??ي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سمورين پارلياماني پارٽين جي نمائندن جي مشاورت سان بجيٽ کان اڳ ۽ بجيٽ کانپوءِ اجل??سن جي شيڊيول ۽ ايجنڊا ??ي منظوري ڏني ويندي.