اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر (اين ??ي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 ماڻهو فوت ٿي ويا، 3344 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. اين ??ي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3344 ڪورونا جا نوان ڪيسز رجسٽرڊ ٿيا. سڄي ملڪ ۾ هيستائ??ن هڪ لک 31 هزار 649 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا ??هن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ 1525 وينٽي ليٽرز رکيا ويا آهن جن مان 459 وينٽي ليٽرز استعمال ٿي رهيا ??هن. هيستائين ??ڄي ملڪ ۾ 2 لک 31 هزار 808 تصديق ٿيل ڪيسز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1342، بلوچستان جا 10 هزار 814، گلگت بلتستان جا 1561، اسلام آباد جا 13 هزار 494، خيبرپختونخواهه ج?? 28 ??زار 116، پنجاب جا 81 هزار 963 ۽ سنڌ جا 94 هزار 528 ڪيسز شامل ??هن.