اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان جي صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان به افغان صدر کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن سال عيدالاضحي?? اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن عالمي برادري ڪوويڊ 19 سميت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن افغانستان ۾ ڪورونا ج?? ڪري انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪورونا وبا تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان افغان صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف حڪومت جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ماڻهن جي جانين کي بچائڻ، معاشي ذريعن جي تحفظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغان ??من عمل جي نئين مرحلي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. وزيراعظم عمران خان ??من عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪر??ار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانسدتان ۾ ??من وڏي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??من عمل جي موجوده رفتار کي آمريڪا طالبان ??من معاهدي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌائڻو پوندو، جنهن سان بين الافغان ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي.