اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا ??نگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جار?? ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 1376 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 30 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 28 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گ??رن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 35 هزار 745 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 530، پنجاب ۾ 14 هزار 109، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 219، اسلام آباد ۾ 5 هزار 740 ، بلوچستان ۾ 161 ، گلگت بلتستان ۾ 410، آزاد ڪشمير ۾ 576 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 17 هزار 86 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 870 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 130 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 242 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 40 هزار 251 آهي.