اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تمام جلد ملڪي معيشت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، اها ڳالهه هن اسٽيٽ ب??نڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسٽيٽ ب??نڪ جي گورنر اسٽيٽ ب??نڪ جي ڪارڪردگي، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافي ۽ مالياتي اشارن جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير چيو ته ڪورون?? عالمي وبا پوري دنيا ??ي معيشت کي شديد م??اثر ڪيو آهي، ڪورونا جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرنڊدڙ ملڪ ۽ محدود وسيلا رکندڙ ملڪ معاشي طور تي شديد م??اثر ٿيا ??هن، ڪورون?? عالمي وبائي چئلينجن جي باوجود پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو موجوده ??ڪو??ت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي.